شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم ڪتاب

شاعر اعظم (ڪتاب): ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست جي ڪلام تي لکيل مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ست مضمون شامل آهن، جن ۾: (1) خراج عقيدت بارگاهه حضرت عشق، (2) سچل سرمست جي سنڌ کي دعا، (3) ضروري تويد، (4) سچل سرمست امن جو علمبردار، (5) سرتاج الشعراءَ ڪنهن کي سڏجي، (6) سچل سرمست جو ڪلام الاهي الهام، (7) سچل سرمست شهنشاهه عشق وغيره شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ ‘گذارش’ جي سري سان ليکڪ لکي ٿو ته: هن قادرالڪلام جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ سيني جي علم جي ضرورت آهي ۽ نه انگريزي علم جي ڊگرين جي. راقم الحروف هن اقليم سخن جي تاجدار شاعر جي شعر تي شامل ڪتابن جي فهرست مطابق ڪافي روشني وڌي آهي ۽ ڪني ۽ ڍڪڻ جي پيشنگوئي باريڪ بينيءَ جي حقيقت به واضح ڪري ڏيکاري آهي.
38 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هيءَ ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس سکر مان پهرين آڪٽومبر 1974ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ٻه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.10.01  عيسوي

شاعر اعظم ڪتاب حبيب پرنٽنگ پريس سکر مان پهرين آڪٽومبر 1974ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ٻه روپيا آهي.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آئيندو
شاعر اعظم ڪتاب
تحرير اقليدس
تاريخ طاهري
چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم1
ديوان قليچ
ابابيل2
شاهه ايليا
شاهه لطيف جا شيدائي
پروليون
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون